SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


هيسائڻ واري سفارتڪاري


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


هيسائڻ واري سفارتڪاري

Gunboat Diplomacy

گن بوٽ ڊپلوميسي

هي اصطلاح، اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ انگريزن جي سامراجي پاليسيءَ جي تسلسل ۾ استعمال ٿيو، جنهن جو مقصد پرڏيهيءَ پاليسيءَ ۾ سامونڊي طاقت ۽ جنگي جهازن جي سگهه ذريعي ٻين ملڪن کي هيسائي پنهنجا مقصد ماڻڻ هو. انهيءَ پاليسيءَ تحت برطانيائي سامونڊي ٻيڙن کي گهڻي قدر ملڪي سامونڊي حدن ۾ هردم تيار رکيو ويندو هو ۽ کين وقت بوقت قرضن جي وصولي، بيٺڪن ۾ ٿيندڙ وڳوڙن ۽ بغاوتن کي محدود مداخلت ذريعي ختم ڪرڻو هوندو هو. مُلڪ خلاف ڪنهن به اڳرائيءَ جي ورجاءَ کي روڪڻ جو بندوبست به، ان ئي پاليسيءَ تحت ڪيو ويندو هُو. اهڙي طرح اڄوڪي دور ۾ هن پاليسيءَ کي گهڻي قدر طاقت جي عملي اظهار طور نه پر خاص اشارن ۽ داٻن جي حوالي سان استعمال ڪيو وڃي ٿو. مثال طور ڪنهن به طاقت طرفان پنهنجن سامونڊي جنگي جهازن کي مخصوص علائقن ۾ موڪلي، لاڳاپيل ڌُر کي چتايو وڃي ٿو ته امڪاني گڙٻڙ جي صورت ۾ انهن سامونڊي جنگي جهازن ذريعي جنگ وارو قدم کڄي سگهي ٿو. انهيءَ داٻي جي نتيجي ۾ گڙٻڙ ڦهلائيندڙ ڌُر مذاڪرات جي ميز تي اچڻ ۾ اڳڀرائي ڪري ٿي


Remember Me Also:

پلاندي

ذ. صفت. پَلَئو وٺندڙ راند، ملهه وغيره ۾.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal